محبوب عالم

محبوب عالم

محبوب عالم

محبوب عالم: ٽي. وي. ۽ فلم جو مشھور اداڪار، محبوب عالم ولد چوڌري محمد علي 14 مارچ 1948ع تي، شھر ٽنڊي غلام علي لڳ ڳوٺ چوڌري محمد علي، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو. مسلم ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، تاريخ ۾ ايم. اي ڪئي. هن پنھنجي فني زندگيءَ جي شروعات سنڌي فلم ‘سورٺ’ کان ڪئي. 1979ع ۾ امجد اسلام امجد جي لکيل اردو ڊرامي ‘وارث’ ۾ ادا ڪيل ‘چوڌري حشمت’ جي ڪردار کيس شھرت ڏني. ان کان پوءِ ھن ڪيترن ئي تاريخي ڊرامن: ‘دھليز’، ‘سمندر’، ‘وقت’، ‘لازوال’، ‘پياس’، ‘نيلي هاٿ’، ‘انڌيرا اجالا’، ‘اپني لوگ’ ۽ ٻين ۾ ڪردار ادا ڪيا. هن اردو، سنڌي ۽ پشتو جي 50 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو. سندس فلمن ۾: ‘خاڪ اور خون’ (1979ع)، ‘چن وريام’ (1981ع)، ‘فٽافٽ’ (1981ع)، ‘ڇوٽي نواب’ (1980ع)، ‘رت جا رشتا’ (1975ع)، ‘سورٺ’ (1973ع)، ‘تان صدقي'>پيار تان صدقي’ (1974ع)، ‘پڳ '>پوتي ۽ پڳ ’ (1986ع)، ‘ڌرتي لال ڪنوار’ (1975ع)، ‘ڌرتي دل وارن جي’ (1975ع)، ‘دريا خان’ (1991ع)، ‘خان بلوچ’ (1985ع) ۽ ٻيون شامل آهن. ڪجهه فلمن جو هدايتڪار پڻ رھيو. سندس فني خدمتن جي مڃتا طور بئنڪ جي اعزازي نوڪري پڻ حاصل ڪئي.18 مارچ 1994ع تي 46 سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ٽنڊي غلام علي شھر جي اباڻي قبرستان ۾ ٿي. سندس وفات کانپوءِ ڪيل فني خدمتن عيوض کيس اسپيشل ايوارڊ (2005ع) ڏنو ويو.


لفظ محبوب عالمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1948.03.14  عيسوي

ٽي. وي. ۽ فلم جو مشھور اداڪار، محبوب عالم ولد چوڌري محمد علي 14 مارچ 1948ع تي، شھر ٽنڊي غلام علي لڳ ڳوٺ چوڌري محمد علي، تعلقي ماتلي، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.


1994.03.18  عيسوي

محبوب عالم 18 مارچ 1994ع تي 46 سالن جي ڄمار ۾، ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ٽنڊي غلام علي شھر جي اباڻي قبرستان ۾ ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ويرو ڪولھي
ٽيپو سلطان
آدم خان مري
بلاول شاهه حسيني
آخوند نور محمد ڀٽي
راحت ڪاظمي
ڀاشاني عبدالحميد خان
طالب حسين مغل
آهوجا ميول نيوند رام
انورهڪڙو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون